اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي ??نهنجي غير قانوني قدمن کي تبديل نٿو ڪر??، ان وقت تائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي نٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي ??يصلن جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته حڪومت ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي خواهشمند آهي پر ائين ڪشمير جي ??يمت تي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته ڪابينا خيبرپختونخوا جي طرز تي اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي ??يمت 4225 روپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اسپوٽنگ ويڪسين جي ??يمت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ??يصلي کانپوءِ طئي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪابينا ڪنهن به دوا جي ??يمت ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ 43 دوائن جي ??يمتن تي نظرثاني ڪئي آهي، فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان سمورين وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، هن چيو ته براڊشيٽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾، ڪابينا ان معاملي ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فواد چوڌري چيو ته کنڊ بحران پيدا ڪرڻ ۾ ملوث مافيا جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??اکاڻ ڪئي ۽ جيڪا چونڊ طريقيڪار ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.