اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ??م ڪري رهيا آهيون، پارلي??مي??ٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ??رڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارلي??مي??ٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو پارلي??مي??ٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آهي ته ان جي ذريعي اسان معاشري جي خصوصي ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ??رڻ ۽ کين معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ??م ڪري رهيا آهيون. هن پارلي??مي??ٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي واکاڻ ??ئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانونسازي جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي. پارلي??مي??ٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان خصوصي ماڻهن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آهي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارلي??مي??ٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ??ئي آهي، جنهن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ??رڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعليمي ادارن تائين به خصوصي ماڻهن جي پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، پارلي??مي??ٽ جي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ??م ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موبائيل ايپ به شروع ??ئي وئي آهي جنهن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ??رڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين انهن جي پهچ آسان ٿيندي.