ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مثالي مينڊيٽ ڏنو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي بابت تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو، ڀنڊار ٻيٽ سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام ل??ءِ آهن، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت ترقي ڪندي، چاهيون ٿا ته سينيٽ اليڪشن شفاف ٿين ۽ ما??ي وانگر ان ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿئي. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پي ڊ?? ايم سان ڪجهه اچي نه وڃي، اهي رڳو ذاتي مفاد جي ل??ءِ ڊرامو ڪري رهيا آهن، انهن جو رخ مختلف آهي ان ل??ءِ انهن جي منزل هڪ نه ٿي ٿي سگهي، پي ڊ?? ايم کي عوام جي پذيرائي نه ملي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نه ته ڪا انڊسٽري آهي نه ئي ڪاروبار، ڪراچي جي عوام ما??ي جي پارٽين کان ت??گ اچي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي ل??ءِ ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو جڏهن ته صوبائي حڪومت ان ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي.