اس??ام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز هرنائي بلوچستان ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگ??دن جي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگ??دن جون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي حوصلي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگ??دن جي بزدلاڻي حملي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي ج??نين جا نذرانا پيش ڪيا.