اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هندوتوا نظريي جي ڪري ڀارتي معاشرو تباهي طرف گامزن آهي، غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو آر ايس ايس جي عيسيائين کي جبري طور تي مذهب تبديل ڪرڻ سميت، مسلمانن ۽ اقليتن جي خلاف پاليسين جي حمايت ۾ ڊگهي عرصي کان جاري قدمن جو تسلسل آهي، گوجره واقعي ۽ بابري مسجد ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ انتهائي تعصباڻي انداز ۾ ڪم ڪيو، هندست??ن ۾ اقليتن کي انهن جي اعليٰ عدليه مان ڪا به اميد نه آهي، ان جي ابتڙ پاڪست??ن ۾ مذهبي تاريخي ماڳن کي ٻڌمت جي نموني طور تي محفوظ ڪيو ويو، پاڪستان متوازن پ??ڏيهي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي جنهن جو ڪنهن به طرف ج??ڪا??ُ نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي تي نشر ڪيل هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو.