اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن، روانگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بحالي ۽ آٽو موبائيلز جو وڪرو وڌيو آهي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهن، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته معاشي صور??حا?? خراب هئي، اڌ کان وڌيڪ ٽيڪسز قرضن جي ادائيگي تي خرچ ٿيندا هئا، ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، جيڪڏهن ماضي جي قرضن جو بار نه هجي ها ته صور??حا?? وڌيڪ بهتر هجي ها، گذريل چار مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو. موسمي حالتن جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گ??ٽ ٿي، آئنده ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪنهن به قسم جي کوٽ نه هوندي، موثر معاشي پاليسين سان 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آهي، و??ير??عظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.