لاهور – 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان سندس آفيس ?? پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، ??نهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ شاهه محمود قريشي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ مهم جي ??ديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ادارن جي ??لاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت ادارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، ??فراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ??يجنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف ک??تن جي ??يڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ادارن جي ??لاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواه نه آهن.