ڪراچي – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاص?? سليم باجوه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي، گورنر هائوس مان جاري بيان موجب ملاقات سي پيڪ تحت سنڌ صوبي ۾ جاري منصوبن، انهن جي جلد کان جلد تڪميل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ?? ڪراچي سرڪلر ريلوي، ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جي لاءِ چيني سيڙپڪاري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جا ٻيا معاملا به غور هيٺ آيا.