اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هي?? ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جمودالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي. هو ه?? وقت امام محمد بن سعود يونيورسٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئ?? رهيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اسلامي يونيورسٽي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪردار بابت ??گاهه ڪيو. صدر بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي علم سکڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تعليم فراهم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اسلام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت ??عليم ڏيڻ جي لاءِ پڻ اهم خدمتون فراهم ڪري ٿي.