اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز م??رف جي خلاف سنگين غداري ڪيس ?? تفصيلي فيصلي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قانوني ٽيم جي مشاورت سان حڪومت پنهنجو لائحه عمل طئي ڪندي، حڪومت انصاف سان گڏ بيٺل آهي، سنگين غداري ڪيس ?? اپيل جو فيصلو م??رف جي وڪيلن کي ڪرڻو آهي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ”ص??افين جو ڪردار ۽ مستقبل جا چئلينجز“ جي عنوان سان ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.