اسلام آباد _ 09 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم تحت پنج هزار خالي حج سيٽن تي 10 جنوري کا?? درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب پنج هزار خالي سيٽن تي وزارت پهريان اچ?? ۽ پهريان حاصل ڪريو، جي بنياد تي درخواستون گهرايون آهن. خواهشمند ماڻهو جيڪي پهري?? درخواست ڏيڻ کان رهجي ويا هئا، اهي هاڻي ان اسڪيم م??ن فائدو کڻي سگهندا. پنج هزار جو انگ مڪمل ٿيڻ تي درخواستن جي وصولي روڪي ويندي. ترجمان موجب سموريون نامزد ب??نڪ??ن روزانو جي بنياد تي درخواستن کي پورٽل تي فوري اپلوڊ ڪرڻ جون پابند هونديون. نوا?? درخواست ڏيندڙ پهريان ٻن قسطن جي مد ۾ ڇهه لک روپيا جمع ڪرائيندا. قرباني يا ڌار ڪمري جو خرچ واڌو هوندو.