اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 03 ڏينه?? جي سرڪاري دوري تي ڏکڻ ڪوريا پهچي ويو. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خا?? جي ڏکڻ ڪوريا پهچڻ تي پاڪستاني سفارتخاني، ٽي آءِ او ۽ پاڪستاني بزنس ايسو سي ايشن ڪوريا ۽ ٻين اختيارين سندس استقبال ??يو. وفاقي وزير پنهنجي ان دوري دوران پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ اقتصادي شراڪتداري معاهدي تي معاهدا پڻ ٿيندا جنهن سان ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو ٻيڻو ٿيڻ جي اميد آهي. واپار وارو وفاقي وزير دوري دوران ڪوريا جي واپار واري وزير ۽ اتا?? جي اهم سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو ۽ ڪوريا جي صنعتي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي د??وت پڻ ڏيندو. ڪوريا جي بينڪ ڪي- ايگزم سان مالي سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير ان موقعي تي ڪوريا ۾ تر??يل پاڪستاني واپارين، ملازمن، پورهيتن ۽ ٻي برادري سان به ملاقاتون ڪندو.