ملتان- 07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان جي علائقي موضع بنڊه سنديله ۾ ملڪ حاجي منور حيات سنديله جي ٽِيجهي ۾ شرڪت ڪئي. ايم ??ين اي سيد علي قاسم گيلاني ۽ ايم پي اي سيد علي حيدر گيلاني به ساڻس گڏ هئا. سيد يوسف رضا گيلاني مرحوم جي سياسي خدمتن جي تعريف ڪندي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪئي ۽ سندس درجن جي بلنديءَ ??اءِ دُعا ڪئي. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين، مرحوم جي فرزند ملڪ زبير منور سنديله جي دستاربندي به ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير سيد حامد س??يد ڪاشمي مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ اجتماعي دُعا ڪرائي. ان مو??عي تي مرحوم جي مٽن مائٽن ۽ علائقي جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.