??سل??م آباد– 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڪابي??ا ڊويزن جو هيليڪاپٽر پارا چنار ۾ دوائن جي فراهمي، مريضن جي منتقلي ۽ ٻين امدادي سرگرمين جي لاءِ م??صوص ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار جي ٻارن، عورتن ۽ بزرگ ماڻهن جي ايمرجنسي طبي ضرورتن جي لاءِ دوائون پهچائڻ جو اهم ريليف آپريشن ڪري رهي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي 500 ڪلوگرام دوائون کڻي پهريون هيليڪاپٽر اڄ پارا چنار پهتو، واپسي تي اهو 4 مريضن کي علاج جي لاءِ ??سل??م آباد ??ڻي آيو. ٻيو هيليڪاپٽر اڄ ٻنپهرن جو وڌيڪ 500 ڪلوگرام دوائون کڻي ??سل??م آباد ??ان پارا چنار جي لاءِ روانو ٿيندو جيڪو واپسي تي اتان مريضن کي ??سل??م آباد ??ڻي ايندو. سندس چوڻ هو ته ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پارا چنار ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون.