اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 13هون دور ڪالهه سومر ڏينهن اوسلو ۾ ٿيو، ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته ناروي جي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل سگني بروڊسيٽ پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپ?? جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ قابل تجديد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماهيگيري ۽ سامونڊي شعبي، آبهوا، تعليم، صحت ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۾ وڌيڪ تعاو?? جي موقعن تي خي??ل?? جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ناروي ۾ ر??ندڙ پاڪستاني?? جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ڌرين پاڪستان ناروي لاڳاپ?? جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاو?? جي لاءِ رفتار وڌائڻ ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاو?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خي??ل?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب پاڪستان ناروي ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون دور ايندڙ سال اسلام آباد م گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي ٿيندو.