اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته انساني ثقافت ۽ ورثي جي تاريخ صديون پراڻي آهي، پاڪ??تا?? جي ثقافت ۽ تهذيب اسان جي سڃاڻپ آهي، بين المذاهب هم آهنگي سان ئي بهترين معاشرو جڙي ٿو، پاڪ??تا?? جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ڊائيلاگ هر مسئلي جو حل آهي، گهڻ رُخي ثقافت حوالي سان پاڪ??تا?? جو مستقبل روشن آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ امن ۽ استحڪام لازمي آهي. مقامي هوٽل ۾ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ”ملڪ جي اندر ۽ سرحد پار امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? جو ثقافتي تنوع“ جي موضوع تي منعقد ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? نه رڳو گنڌارا تهذيب جهڙين تاريخي جاين جو گهر آ??ي پر هتي دنيا جي قديم ترين ٻڌمت تهذيب جا آثار قديمه پڻ موجود آهن. سنڌ ۾ واقع موهن جو دڙو 2500 قبل مسيح جي هڪ يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج سائٽ آهي ۽ هتان ملن??ڙ آثار قديمه، پاڪ??تا?? جي قديم تهذيب جي گواهي ڏين ٿا. هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ڀرپاسي ۾ موجود شاهه الله دته ۽ مارگلا جي جبلن ۾ قديم ٻڌمت جا آثر موجود آهن، هتان ملندڙ اسٽوپا ۽ ٻيون تاريخي جايون پاڪ??تا?? جي قديم تهذيب ۽ ثقافت جي گواهي ڏين ٿيون. هن چيو ته پاڪ??تا?? هڪ امن پسند ملڪ آهي، هتان جا ماڻهو محبت ڪندڙ ماڻهو آهن، پاڪ??تا?? جي عوام سڄي دنيا ۾ پنهنجي مهمان نوازي جي لاءِ سڃاتي وڃي ٿي، اها ئي اها شيءَ آهي جيڪا نسل درنسل هلندي پئي اچي ۽ پاڪ??تا??ي عوام جي سڃاڻپ بڻيل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سڄي دنيا ۾ ڀائيچاري، امن ۽ هم آهنگي جو پيغام پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪ??تا?? سدائين امن پسندي جو مظاهرو ڪيو آهي، اتحادين سان اسان جا لاڳاپا سدائين سٺا رهيا آهن، اسان ڪنهن کي اڪيلو ناهي ڇڏيو، پاڪ??تا?? کي دنيا جي سامهون پنهنجي صحيح ۽ مثبت تصوير پيش ڪرڻ گهرجي. مقامي ماڻهن جي ثقافت ۽ روايتن کي دنيا آڏو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? ۾ متنوع ثقافتي ورثو موجود آهي، گلگت بلت??تا?? جي مقامي ماڻهن کان وٺي ڏکڻ پنجاب جي ٿل جي صحرائن تائين پاڪ??تا?? ۾ هر قسم جي موسم ۽ منظرنامو موجود آهي، پاڪ??تا?? بابت غلط فهمين جي ڪري دنيا ان جي حقيقي تصوير نه ڏسي سگهي. هن چيو ته اسان ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، دنيا کي پاڪ??تا?? اچڻ جي دعوت ڏئي رهيا آهيون، اترئين علائقن ۾ سياحن جي انگ ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ عالمي سطح جا اجلاس منعقد ٿي رهيا آهن، تازو ئي شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس منعقد ٿيو جيڪو 27 سالن کانپوءِ ان سطح جو پهريون وڏو ايونٽ هو. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان پاڪ??تا?? ايندڙ ماڻهو هتان سٺا تاثر کڻي وڃن ٿا، انهن جو ملڪ بابت نظريو مڪمل طور تي بدلجي وڃي ٿو، پاڪ??تا?? اچي ماڻهو حقيقت ڏسن ٿا. وفاقي وزير چيو ته منهنجي تڪ ۾ 70 هزار مسيحي ووٽرز موجود آهن، آئون پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان جڏهن ملندو آهيان ته انهن جي مختلف مسئلن تي ڳالهه ٿيندي آهي. اسان کي مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان جو مذهب اسلام اسان کي برداشت ۽ تحمل جو تلقين ڪري ٿو. هن چيو ته ڊائيلاگ سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي، منطق ۽ بنيادي مسئلن تي ڳالهه ڪري ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪري سگهجي ٿو. پاڪ??تا?? ۾ مختلف ثقافتن ۽ ماڻهن سان گڏ رهڻ جي لاءِ مثبت سوچ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته حڪومت پاڪ??تا?? جو مثبت اميج دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان مقصد جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي ٻنهي سطحن تي ماڻهن کي پاڪ??تا?? جو مثبت پيغام پهچائڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ مختلف ثقافتون، زبانون ۽ اقليتون موجود آهن جن کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت گلگت بلت??تا?? جي مقامي ماڻهن جي قديم فنون کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سج جي حساب سان ڪئي ويندڙ قديم ڳڻپ جي فن ”سوريه“ کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حڪومت قديم فنون جي بحالي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. وفاقي وزير الله خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جا ٿورا مڃيا جنهن مقامي ماڻهن جي لاءِ بهترين ڪم سرانجام ڏنا. هن چيو ته حڪومت پاڪ??تا?? جي مثبت تصويرڪشيءَ جي لاءِ پرعزم آهي، دنيا ۾ پاڪ??تا?? کي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته موجوده عالمي صورتحال ۾ مثبت پيغام جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، دنيا ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تڪرار موجود آهن، اهڙي ۾ مثبت پيغام جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته قومي مفاد، ثقافت ۽ ملڪ جي مثبت تصويرڪشيءَ جي لاءِ اسان کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪ??تا?? هڪ خوبصورت ملڪ آهي، پاڪ??تا?? دنيا کي امن جو پيغام ڏئي رهيو آهي، اسان پنهنجي ثقافتي تنوع ۽ هم آهنگي کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ موجود تاريخي ورثي جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ثقافتي ورثو صوبن وٽ هليو ويو آهي ۽ ان حوالي سان صوبن سان تعاون ڪيو پيو وڃي.