اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته 70 مهينن کانپوءِ ناڻي واڌ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽ ترين سطح تي آه??، ان جا ايندڙ ڏينهن ۾ مثبت اثر پوندا، معاشي استحڪام سان گڏ گروٿ ۾ اضافو آڻڻو آه??، ايف بي آر اوڳاڙين جو هدف حاصل ڪري ته بهتري ايندي، فوج جي مڪمل پڪڙ جي ڪري افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ مڪمل ختم ٿي وئي آه?? جنهن جي ڪري 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي کنڊ برآمد ڪئي وئي ۽ ملڪي سطح تي قيمتون به گهٽ ٿيون. هو ڪابينا جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت تي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سڀ کان پهرين آئون توهان کي هڪ سٺي خبر ڏئي رهيو آه??ان ته 70 مهينن کانپوءِ ناڻي واڌ هن نومبر ۾ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي آه??، 2018ع ۾ محمد نواز شريف جي دور ۾ ناڻي واڌ 3.5 سيڪڙو هئي، هاڻي هن مهيني اها 4.9 سيڪڙو تي پهتي آه??، اهو الله تعاليٰ جو تمام وڏو احسان آه??، الله تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ آه?? ڇو ته ن??ڻي واڌ واحد اهو هٿيار آه?? جيڪو غريب ماڻهو جي غربت ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿو يا آساني کڻي اچي ٿو. هن چيو ته اها 70 مهينن کانپوءِ هڪ رڪارڊ گهٽتائي آئي آه??، ملڪ جي اندر عام ماڻهو، غريب ماڻهو جو بار وڌيڪ گهٽ ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اميد ڪرڻ گهرجي ته ن??ڻي واڌ ۾ گهٽتائي سان هاڻي اسٽيٽ بئنڪ جي ايندڙ اجلاس ۾ پاليسي ريٽ وڌيڪ گهٽ ٿيند??، جڏهن ته فيصلو اسٽيٽ بئنڪ کي ڪرڻو آه??. هن چيو ته آئون اهو چاهيندس هئس ته گذريل ڏينهن ۾ جيڪي ڌرڻن ملڪ ۾ هڪ ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ ملڪ جي اندر خاص طور تي اسلام آباد ۾ هر طرف افراتفري ۽ ٻڏتر وارو ماحول هو، ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهيد ٿيا، درجنين زخمي ٿيا ۽ پنهنجي انهن انتهائي غلط ۽ غيرقانوني حربن سان ملڪ جي عالمي سطح تي بي عزتي ڪرائي وئي. هڪ ڏينهن جي اندر اسٽاڪ ايڪسچينج ساڍي ٽي هزار پوائنٽس هيٺ اچي وئي پر ڊي چوڪ تان پٺتي هٽندي ئي اڳئين ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻيهر فوري بهتري آئي. هن چيو ته ن??ڻي واڌ ۾ گهٽتائي ٽيم ورڪ جو نتيجو آه??، اسان کي وڌيڪ تيزي سان ۽ محنت سان ڪم ڪرڻو آه??، ان جا ثمر ايندڙ ڏينهن ۾ مثبت هوندا. هن چيو ته ايف بي آر اوڳاڙين جو هدف حاصل ڪندو ته بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته اسان کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني ته ان سان 500 ملين ڊالر جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿ??و ۽ ملڪي سطح تي کنڊ جون قيمتون به گهٽ ٿيون. پاڪ فوج جي قدمن سان افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ جو مڪمل خاتمو ٿي ويو آه??. اڄ ملڪ ۾ کنڊ جو وڏو اسٽاڪ موجود آه??. اهڙي طرح ايف بي آر کي به قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن سان يورپ جي لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون بحال ٿ?? ويون آه??، انهن اڏامن جي بندش سان قوم جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو. هڪ منچلي وزير جي پي آءِ اي ۾ پائليٽ جي جعلي ڊگرين جي بيان سان اهو نقصان کڻڻو پيو هو. پي آءِ اي جي نجڪاري نه ٿيڻ جو هڪ سبب انهن روٽس جي بندش به هو. ان تي هوابازي واري اڳوڻي وزير خواجه سعد رفيق ۽ سندس ٽيم کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پوري قوم ۽ سياسي قيادت کي به ان تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اها وڏي ڪاميابي آه??. هن چيو ته معاشي استحڪام سان گڏوگڏ هاڻي گروٿ به حاصل ڪرڻي آه??، اقتصادي هدف حاصل ڪنداسين.