اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ترڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪاروباري برادري کي سفري سهولتن جي فراهمي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اها ڳالهه هن ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ??يڻ ۽ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪاري وزارت مطابق ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوست??ڻن ناتن کي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ترڪيه جي سفير سان گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي ??يڻ تي به ڳالههه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جو ترقي جو ماڊ?? متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان به ان ماڊل مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته روڊ نيٽ ورڪ بهتر بڻائڻ وڏو چئلينج آهي، شاهراهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ئي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ??ا. وفاقي وزير چيو ته اسان جو ڪم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادريءَ کي ويجهو آڻڻ آهي، باقي ڪم پاڻ ئي شروع ٿي ويندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين کي ترڪيه ۽ پاڪستان ۾ پُرڪشش منافعو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ترڪش سفير ان موقع?? تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار هوندو، ٻه طرفي سيڙپڪاري لاءِ قابل عمل ماڊل تي عمل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه پاڪستان سان پنهنجن ??اتن کي باقاعده ۽ اداره جاتي شڪل ??يڻ چاهي ٿو، اسان جي گڏيل صورتحال موافق، مقصد واضح ۽ منزل هڪ آهي.