باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي ??طم??نان جو اظهار ڪندي ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۾ گڏيل منصوبن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن س??براهي اجلاس (ڪوپ 29) جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سا?? ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي صدر الهام عليوف کي مبارڪباد ڏني. هن ماحولياتي تبديلي سا?? پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ان حوالي سا?? عالمي تعاون کي وڌائڻ جي صدر الهام عليوف جي ويزن ۽ عزم کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن زريلي گئسن جي اخراج ۾ معمولي حصو هجڻ جي باوجود م??سم??اتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن آذربائيجان ۽ عالمي برادري سا?? ماحولياتي تبديلي بابت چئلينجز تي ڪم ڪرڻ جي پا??ست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پا??ست??ن آذربائيجان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هن پا??ست??ن ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عوامي رابطن س??ن گڏوگڏ ثقافتي لاڳاپن جي مضبوطي جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پا??ست??ن ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي ??طم??نان جو اظهار ڪندي ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۾ گڏيل منصوبن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.