اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سربراهي اجل??س کان اڳ 10 نومبر تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ??جلاس ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته سربراهي اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي سعودي عرب جي ??ڪومت ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي ??ورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائقن جي ??ورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ رياض ۾ 11 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ڪانفرنس جو فالو اپ هوندو. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن ۽ عرب ليگ ۽ او آءِ س?? جي ميمبر ملڪن جي ??عليٰ عملدارن جي ??ربراهي اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي ف??ري خاتمي، ف??ري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي ف??ري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪن جي ??لامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ 4 جون 1967ع جي ??رحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، تي پڻ زور ڏيندو. ترجمان چيو ته سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي ??رب ليگ ۽ او آءِ س?? جي ٻين ميمبر ملڪن جي ??ڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.