اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قد??ن واري وفاقي وزير احسن اقبال گڏيل قومن ۾ پ??ڪس??ان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان جي ترقياتي ايجنڊا، ڪوپ-29 ڪان??رن?? ۾ شرڪت جي تيارين ۽ اقتصادي حڪمت عمليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز مطابق احسن اقبال چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي ترقياتي هدفن سان ڳنڍيل آهي ۽ هلندڙ مهيني باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ-29 ڪان??رن?? ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو، جتي ماحولياتي ترجيحن کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته عالمي سطح تي گهٽ ترين ڪاربن جي نيڪال باوجود پ??ڪس??ان موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پ??ڪس??اني وفد ڪان??رن?? ۾ علائقائي سهڪار کي مستحڪم ڪرڻ تي توجهه ڏيندو ۽ پ??ڪس??ان پويلين ۾ گول ميز بحث منعقد ڪندو جنهن ۾ عالمي اڳواڻ ??صو وٺندا. گڏيل قومن جي پائيدار ترقيءَ جي هدفن تي پ??ڪس??ان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته پ??ڪس??ان اهو پهريون ملڪ آهي جنهن انهن هدفن کي پارليامينٽ ذريعي پنهنجي قومي ترقياتي ايجنڊا جو باقائده ??صو بڻايو. اسان جا سمورا ترقياتي منصوبا انهن هدفن سان هم آهنگ آهن. منصوبا بندي وزارت ۾ قائم ايس ڊي جي يونٽ کي هاڻي سيڪشن جو درجو ح??صل آهي جيڪو انهن هدفن کي ح??صل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ ۽ انهن منصوبن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندو آهي. هن ٻُڌايو ته گڏيل قومن طرفان پائيدار ترقي جي انهن 17 هدفن جي حوالي سان منصوبا بندي وزارت ۾ جلد ئي 17 ٽاسڪ فورسز قائم ڪيون وينديون جيڪي قومي ۽ صوبائي سطح تي منصوبن جي نگراني ڪنديون ته جيئن انهن کي لاڳو ڪرڻ يقيني بنائي سگهجي. هن پ??ڪس??ان اسٽاڪ مارڪيٽ جي صورتحال تي به تبصرو ڪيو ۽ ٻُڌايو ته 530 مان صرف 70 ڪمپنيون اهڙيون آهن جن جو روانگي واپار 10 هزار ڊالرن کان وڌيڪ آهي. احسن اقبال ڪمپنين جي روانگي وڌائڻ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي صلاحيت جي اثرائتي استعمال جي ترغيب ڏيندي چيو ته پ??ڪس??ان جي هر اداري کي روانگي واپار جو 10 هزار ڊالرن کان وڌيڪ جو هدف مقرر ڪرڻ گهرجي. هن خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ٿيندڙ تازي سيڙپڪاري جي لهر تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي وڏي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪاروباري موقعن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جاري سيڙپڪاري ۽ معاشي سڌارا پ??ڪس??ان کي پائيدار ترقيءَ طرف وٺي ويندا.