راولپنڊي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان روسي فيڊريشن جي نائب دفاع واري وزير ڪرنل جنرل اليگزينڊر وي فومين جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار ۽ صنعتي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته گڏيل فوجي مشقن ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي فني معاونت ذريعي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا نوان ??وق??ا تلاش ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف روس سان ??وجي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي ز??ر ڀريندي گڏيل تربيتي پروگرام??، فوجي مشقن ۽ صنعتي ڀائيواريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڪرنل جنرل ايگزينڊر وي فومين موجوده قيادت تحت پاڪ فضائيه ۾ ٿيل تازي شاندار اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. هن پاڪستان سان ??وجوده دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي فوجي لاڳاپا ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي فني معاونت جي فراهمي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.