اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ماح??لي??تي تبديلين ۽ قدرتي آفتن ج?? خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاليسي تي ٻڌل قرض ماح??لي??تي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي پروگرام سي ڊي ريپ تحت فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪستان کي ماح??لي??تي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي لچڪ ۾ اضافي جي منصوبه بندي، تياري ۽ جواب ڏيڻ جي ادارن سطح تي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پروگرام تحت قدرتي آفتن ج?? خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماح??لي??تي موزونيت ۽ لچڪ جي شعبي ۾ شم??لي??ي سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ ماح??لي??تي تبديلين ۽ قدرتي آفتن ج?? خطرن سبب متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. بئنڪ جي وچين ۽ اولهندي ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل ايوگيني زوڪو ٻڌايو ته اهو پروگرام بئنڪ جي ڊگهي مدي جي ڪوششن ج?? بنياد تي بڻايو ويو آهي جنهن ج?? مقصد پاڪستان ۾ موسمياتي ۽ قدرتي آفتن ج?? خطرن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کڻن آهي.