اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فو??ل پرسن ??ائشه رضا فاروق چيو آهي ته ٽين ملڪ گير پوليو جي روڪٿام و??ري مهم ج??ري آهي، سڄي ملڪ ۾ 4.5 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. پوليو ورڪرز 3 نومبر ??ائين سڄي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر گهر وڃي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جا بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي پختي عزم سان پاڪستان پوليو پروگرام گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪئي هئي جنهن جو اڱ??ري ڏينهن ٻيو ڏينهن هو. ان مهم جو هدف سڄي ملڪ ۾ 4.5 ڪروڙ ٻارن تائين پهچ حاصل ڪرڻ آهي. سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم 28 آڪٽوبر کان 3 نومبر ??ائين ج??ري رهندي، جنهن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا ويندا. ان کان علاوه ٻارن جي قوتِ مدافعت مضبوط ڪرڻ ??اءِ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏني ويندي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پوليو پروگرام وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ ٻارن کي پوليو سبب ٿيندڙ معذوريءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ نئين جذبي ۽ عزم سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻارن جي ويڪسينيشن کي ترجيح ڏين. هن چيو ته وائرس 71 ضلعن ۾ ڦهلجي چڪو آهي ۽ اهو هڪ حقيقي خطرو آهي. والدين طور اها اسان جي گڏيل ذميو??ري آهي ته اسان پنهنجي ٻارن جو تحفظ يقيني بڻايون. ان موقعي تي پوليو جي روڪٿام بابت قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر ڪئپٽن (ر) محمد انوار الحق والدين تي زور ڀريو ته هو پوليو ورڪرز سان مڪمل سهڪار ڪن. هن چيو ته پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي، جيڪڏهن پوليو ويڪسين ڪرائي وڃي ته اسان پنهنجي ٻارن کي ان موذي مرض کان محفوظ رکي سگهون ٿا. پوليو مهم دوران ۽ بعد ۾ صحت تحفظ هيلپ لائن 1166 ۽ 24 ڪلاڪ واٽس ايپ هيلپ لائن 03467776546 والدين ۽ ٻين جي رهنمائيءَ لاءِ دستياب رهندو. هتي نه صرف پوليو ويڪسين کان محروم رهجي ويل ٻارن جو اطلاع ڏئي سگهبو پر ٻي ڄاڻ به حاصل ڪري سگهبي.