اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جناح ڪنوينشن سينٽر آمد تي حڪومتي سربراهن ۽ نمائندن جو والهاڻو استقبال ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هئا. ا??س سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ايران جي صنعت وار?? وزير سيد محمد اتابڪ سڀ کان پهرين جناح ڪنوينشن سينٽر پهتا جت?? وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار سندن آجيان ڪئي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين ج?? وزيراعظم لي چيانگ، روس ج?? وزيراعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان ج?? وزيراعظم ڪو??ر رسول زاده، بيلاروس ج?? وزيراعظم رومن گولو وچينڪو، ڪرغزستان جي ڪابينا ج?? وزيرن جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، منگوليا ج?? وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراي، ازبڪستان ج?? وزيراعظم عبدالله اريپوف، ترڪما??ست??ن ج?? وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيه?? وزير راشد ميريدوف ۽ قازقستان ج?? وزيراعظم اولز هائوس ب??ڪو تينوو، ڀارتي پرڏيه?? وزير جئه شنڪر جي آجيان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اجلاس ۾ شريڪ ا??س سي او اڳواڻن گروپ فوٽو ڪڍرايو. استقبال کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين حڪومتي سربراهن جو اجلاس باضابطه طور تي شروع ٿيو.