اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وز??راعظم لي چيانگ سومر ڏينهن چئن ڏينهن جي ٻطرفي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. چين جو وز??راعظم سندس دوري دوران ملڪي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. چين جي وز??راعظم سان گڏ وز??ر ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي جنهن ۾ ناڻي ۽ واپار واري وزارت، نيشنل ڊيولپمينٽ ۽ ريفارم ڪميشن ۽ چين جي عالمي ترقياتي ايجنسي جا آفيسر به شامل آهن. چين جي ڪنهن به وز??راعظم جو گذريل 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي.
نور خان ايئربيس پهچڻ تي وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وز??راعظم ۽ پر??يهي وز??ر اسحاق ڊار وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن وز??راعظم لي چيانگ جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهريل ٻن ٻارڙين معزز مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا.
جڏهن ته مهمان وز??راعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي. چين جو وز??راعظم بعد ۾ وز??راعظم هائوس ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو جتي کيس باضابطا آجياڻي واري تقريب ۾گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ٻئي وز??راعظم وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندا جنهن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي س??ور?? رخن جنهن ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت تعاون تي مٽاسٽا ڪئي ويندي.
ڌريون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2) ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس سميت ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪ??دا.
چين جو وز??راعظم گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ ڪندو. پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران چين جو وز??راعظم صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان جي پارلياماني اڳواڻن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.