اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهو ??وليس آفيسرن ۽ اهلڪار?? جي محنت جو نتيجو آهي، 5 مهينن ۾ 400 پوليس اهلڪار?? جي پروموشن ڪئي وئي آهي، عورت پوليس اسٽيشن سيف سٽي ۾ قائم ڪيون ويون آهن انهن کي جلد جدا ڪيو ويندو. پوليس لائينز اسلام آباد ۾ شهيدن ۽ غازين جي ??عزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد پوليس جي ??هرين جي ??حفظ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيندو آيو آهي، 5 مهينن ۾ ڏوهن ۾ 38 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، انهن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪار?? جي محنت جو نتيجو آهي، 5 مهينن ۾ 400 پوليس اهلڪار?? جي پروموشن ڪئي وئي آهي، عورت پوليس اسٽيشن سيف سٽي ۾ قائم ڪيون ويون آهن انهن کي جلد جدا ڪيو ويندو، مارگلا پيٽرول يونٽ قائم ڪيو، 27 ٿاڻ?? جي ٻيهر بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، 17 ٿاڻا مسواڙ جي ??اين ۾ آهن، انهن کي جلد سرڪاري عمارتن ۾ منتقل ڪيو ويندو، 10 خدمت مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن، سفارتي عملي ۽ غيرملڪين جا جدا خدمت مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون، سيف سٽي کي توسيع ڏئي 7700 ڪئميرائن تائين کڻي وينداسين. آءِ جي ??سلام آباد پوليس علي ناصر رضوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد پوليس شهيدن ۽ غازي?? جي وارث آهي، اسلام آباد پوليس اسٽريٽ ڪرائيم کان دهشتگردن جي ??اتمي تائين مشن سرانجام ڏنا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب وفاقي گهرو وزير جي قيادت ۾ خدمت خليق ۽ انصاف جي فراهمي ۽ شرپسندن جي ??اتمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.