اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان سول ايوي ا??شن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ??ها فوتي ملازم جي پٽ جي مقرري هڪ مهيني جي اندر قانون موجب ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب فهيم احمد (شڪايت ڪندڙ) پاڪستان سول ايوي ا??شن اٿارٽي جي خلاف ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي هئي. درخواستگذار موجب سندس والد پي سي اي اي جو ملازم هو ۽ سندس لاڏاڻو سروس دوران 1999ع ۾ ڪينسر سبب ٿيو. جيئن ته هو ان وقت نابالغ هو، ان لاءِ هو ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري جي لاءِ اهل نه هو. جڏهن عمر پو??ي ٿيڻ تي نوڪري جي لاءِ درخواست ڏني ته ??نا ڪنهن جواز جي سندس درخواست کي رد ڪيو ويو. درخواستگذار پنهنجي شڪايت جي ازالي جي لاءِ پاڪستان سول ايوي ا??شن اٿارٽي سان رجوع ڪيو پر اتي به دادرسيءَ نه ٿي سگ??ي. ??نهن کانپوءِ پريشاني ۾ پنهنجي شڪايت جي حل لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب فيصلو ڪيو ته ??ڪايت ڪندڙ پي سي اي اي جي خلاف بدانتظامي جو ڪو ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ڇو ته ??ن جي درخواست جي وقت فيملي اسسٽنس پئڪيج لاڳو نه هو. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ صدر وٽ محتسب جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي. پنهنجي فيصلي ۾ صدر چيو ته ??ڪايت ڪندڙ جي والد جو مدو ملازمت دوران 1999ع ۾ ختم ٿي ويو ۽ ان وقت درخواستگذار جي عمر رڳو 6 سال هئي. 2005ع جي پاليسي تحت عمر پو??ي ٿيڻ کانپوءِ مقرري جي لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن موجب فوتي ملازم جي پٽ کي اشتهار جي رسمي ڪارروائي مان گذرڻ کانسواءِ انهي اداري ۾ مقرري جي لاءِ غور ڪرڻ گهرجي ها. صدر پي سي اي اي جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته هن 2005ع ۾ فيملي اسسٽنس پئڪيج جي پاليسي اختيار ڪئي هئي ۽ فوري ڪيس ۾ حقيقتن ۽ قانوني پو????شن جي ڪري ڄاڻايل پئڪيج جون شقون قابل غور نه هيون. صدر نشاندهي ڪئي ته ??ول ايوي ا??شن اٿارٽي جي دعويٰ موجوده ڪيس جي حالتن ۾ قانوني طور تي صحيح نه آهي ڇو ته ??رخواستگذار سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي حد م??مل ڪرڻ کان اڳ مقرر ٿيڻ جو اهل نه هو. هن چيو ته ??ها پاليسي جي ممڪن لاڳو جو معاملو آهي نه ڪي پاليسي جي اڳوڻي لاڳو جو معاملو آ??ي. ??در سول اپيل نمبر 410/2020 تاريخ 02-06-2021 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي پڻ ڀاڙيو. تنهن ڪري صدر شڪايت ڪندڙ جي درخواست منظور ڪندي سول ايوي ا??شن اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ مهيني جي اندر قانون موجب مقرري جي لاءِ ان جي درخواست تي ڪارروائي ڪري.