نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن مو??ب پا??ستان جي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي م??قعي تي ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پڻ ملاقات ۾ مو??ود هو. ملاقات دوران وزيراعظم عالمي بئنڪ پاران پا??ستان حڪومت سان اقتصادي سڌارن، غربت ۾ گهٽتائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي سميت پا??ستان جي معاشي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي صدر کي حڪومت جي پاليسي، انتظامي ۽ تنظيمي سڌارن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته حڪومت توانائي، ماليات ۽ اوڳاڙين جي شعبن ۾ سڌارا آندا آهن. هن چيو ته پا??ستان حڪومت معاشي سڌارن جي تڪميل جي لاءِ عالمي بئنڪ پاران تعاون جي آجيان ڪندو. هن پا??ي نظام، توانائي ۽ انساني ترقي سميت پا??ستان جي ترقياتي م??صوبن جي لاءِ جديد مالياتي حل ڳولڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن مو??ب پا??ستان جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.