نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وف?? سان گڏ نيويارڪ پهچي ويو آهي. دفاع وارو وف??قي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وف??قي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ وف?? ۾ شامل آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ميمبر ملڪن جي سربراهن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جي مختلف ملڪن جي سربراه?? سان غيررسمي ملاقات ٿي??دي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس 2024ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي مالديپ جي صدر محمد معيزو سان ملاقات ٿي??دي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي??دي.