اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن و??ري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سمورن منصوبن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو ويندو، منصوبا بندي و??ري وزارت جي رُڪيل فائلن ک?? ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڪم ۾ دير نه ٿئي ۽ رڪيل ڪم کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس ڊي پي تحت ج??ري منصوبا بندي و??ري وزارت جي رٿائن تي تفصيلي جائزي و??ري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرام عهدو سنڀالڻ کانپوءِ په??يون ڀيرو ش??ڪت ڪئي. احسن اقبال چيو ته سمورين رٿائن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته وزارت جو عملو صرف پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي عملي جي ڀرتين ۾ سهولتون فراهم ڪندو. احسن اقبال سمورن اسسٽنٽ چيفس ۽ ريسرچ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پرڏيهي ملڪن ۾ اعليٰ يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپس لاءِ اپلاءِ ڪن. وفاقي وزير چيو ته تحقيق ۽ جدت جو عمل رُڪڻ نه گهرجي. رٿابندي و??ري وزارت آفيسرن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور معاونت ۽ وسيلا فراهم ڪندي.