اسلام آباد-22 سيپٽمبر(اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخانو چين ۾ فوت ٿيل شاگردياڻي جي ڪٽنب ۽ يونيورسٽي سان راب??ي ۾ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته چين مان ميت کي واپس ملڪ آڻڻ لاءِ ڪجهه قانوني گهرجون آهن، جن تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڪمرشل اڏامن ۾ ٽرانسپورٽيشن لاءِ ميت کي محفوظ رکڻ ۽ خاص ڪري تابوت ذريعي منتقل ڪرڻ سميت ٻيا قدم کنيا ويندا، جنهن کان پوءِ ميت کي ملڪ موڪليو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخاني جي ??داخلت تي انشورنس ڪمپني شاگردياڻي جي ??ارثن کي معاوضي جي ادائيگي تي رضامندي جو اظهار ??يو آهي ۽ يونيورسٽي شاگردياڻي جي ??يت جي ??نتقلي جي حوالي سان خرچ برداشت ڪرڻ جي ??ڻ آڇ ڪئي آهي.