اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته تهران ۾ پاڪستاني سفارتخ??نو يزد شهر ۾ افسوسناڪ بس حادثي کانپوءِ ايراني عملدارن سان ملسلسل رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 28 پاڪستاني زائرين شهيد ٿ?? ويا آهن. نائب وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني زائرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسا?? کي زخمي زائرين بابت به سخت ڳڻتي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هن تهران ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي آهي ته ه?? صحيح صورتحال جو پتو لڳائي ۽ زخمي?? کي فوري طبي امداد فراهم ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ ميت?? کي پاڪستان موڪلڻ جو بندوبست ڪري. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو سفارتخ??نو يزيد شهر ۾ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. هن ايراني حڪومت پاران مدد ۽ معاونت تي ٿورا مڃيا.