راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي اسلام آباد اچڻ تي ??ليڪار چوندي چيو آهي ته ارشد نديم قومي هيرو آهي، وز??راعظم جي خصوصي دعوت تي ??يس اسلام آباد گهرايو ويو آهي. نور خان ايئربيس تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته ارشد نديم کي خصوصي جهاز جي ذريعي اسلام آباد آندو ويو آهي، ارشد نديم سرڪاري مهمان آهي، کيس اسٽيٽ پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ارشد نديم سان گڏ سندس فيملي ۽ ڪوچ به موجود آهن. وفاقي وز??ر چيو ته قومي هيرو جي وفاقي گادي واري شهر اچڻ تي خوشي آهي، اڄ وز??راعظم سندس اعزاز ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ جي مرڪزي تقريب ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ ارشد ندي?? گڏجي جهنڊو ڦڙڪائيندا، ارشد نديم ٻين شهرن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي ??الهائيندي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم چيو ته هو پنهنجي والدين ۽ پوري قوم جو ٿورائتو آهي، قوم جي دعائن سان اڄ وڏي ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته 2012ع ۾ محمد شهباز شريف پنجاب يوٿ فيسٽيول منعقد ڪرايو، پنهنجي پهرين مئچ ان يوٿ فيسٽيول ۾ کيڏي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽل اسپورٽس سان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، 2015ع ۾ واپڊا ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن چيو ته اولمپڪس ۾ ڪاميابي جي لاءِ مون تمام گهڻي محنت ڪئي، اڳتي به ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪندس. هن چيو ته منهنجي ڪوچ سلمان بٽ منهنجي ڪاميابي جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، الله تعاليٰ گولڊ ميڊل سان نوازيو آهي، پاڪستان جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪرڻو آهي.