اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چي?? آهي ته يوم آزادي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏي??هن آهي، ترقي جو سفر سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کانسواءِ ممڪن ناهي، پا??ست??ن ايٽمي طاقت آهي، پا??ست??ني ذهين ۽ محنتي قوم آهي، مايوسي پکيڙيندڙ ناڪام ٿيندا. اهڙو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي تحقيقاتي اسلامي اداري جي اهتمام هيٺ فيصل مسجد ڪيمپس ۾ جشن آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۽ استحڪام پا??ست??ن سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد، يونيورسٽي جي ر??ڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ، يونيورسٽي جي نائب صدر سميت استادن ۽ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته 14 آگسٽ 1947ع تي پا??ست??ن جو وجود هڪ نظريي جي ڪاميابي هئي، قائد ۽ اقبال جو نظريو آزادي جي سفر ۾ مشعل راهه بڻيو، قائد جو خواب هو ته هي ملڪ هڪ ڪامياب رياست بڻجي اڀري. قيام پا??ست??ن کانپوءِ سوچيو پئي ويو ته ملڪ بس ڪجهه سالن تائين ئي پنهنجو وجود قائم رکي سگهي ٿو پر اڄ پا??ست??ن هڪ ايٽمي طاقت آهي، موجوده حالتن جي ر??شني ۾ هن چيو ته مايوسي پکيڙيندڙ ناڪام ٿيندا ڇاڪاڻ ته پا??ست??ني ذهين ۽ محنتي قوم آهي.هن چيو ته ترقي جو سفر هڪ سائنس آهي، امن، سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ سڌارن کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي. احسن اقبال چيو ته ويزن 2010ع ۽ 2025ع جي ترقي جي سفر کي بدقسمتي سان ختم ڪيو ويو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته بيروزگاري ۽ مهانگائي جو خاتمو ڪنداسين، فساد ۽ ڏڦيڙ ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽ برابر آهن. احسن اقبال چيو ته ارشد نديم هر پا??ست??ني لاءِ رول ماڊل آهي، هي محنت ۽ عزم جو عظيم مثال آهي، پا??ست??ني نوجوانن هميشه پنهنجو پاڻ کي مڃراي?? آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي راڻا مشهود احمد چيو ته زنده قومون پنهنجي غلطين مان سبق سکنديون آهن. راڻا مشهود احمد وڌيڪ چيو ته پا??ست??ن اقبال ۽ قائد جي خواب جي تعبير جي سفر تي گامزن ٿي چڪ?? آهي ۽ موجوده حڪومت پا??ست??ن جي بنيادي وجود جي محافظ آهي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر ثمينه ملڪ چيو ته آزادي جو قدر ۽ قيمت ا??هن کان پڇو ج??هن وٽ اها نعمت ناهي، يوم آزادي جان ۽ مال جون قربانيون ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏي??هن آهي. ان کان اڳ پروفيسر احسن اقبال ۽ راڻا مشهود احمد جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کانپوءِ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ فيصل مسجد ڪيمپس ۾ ٻوٽو لڳايو. تقريب جي آخر ۾ راڻا مشهود احمد يوم پا??ست??ن جي موقعي تي پا??ست??ن جي تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ ڊاڪٽر حميد الله لائبريري جو دورو پڻ ڪيو. هوڏا??هن وفاقي وزير يوم آزادي جي حوالي سان استحڪام پا??ست??ن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته آزادي جو ڏهاڙو ڪ??هن به قوم لاءِ خوشي ۽ اتحاد جو ڏهاڙو هوند?? آهي، اڄوڪو ڏي??هن اسان جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، 23 مارچ 1940ع تي قائد جڏهن پا??ست??ن جو خواب ڏٺو ته ڪ??هن کي يقين نه هو ته اهو ڪمزور ۽ وسيلن کان محروم ماڻهو هندستان ۾ هڪ نئين رياست قائم ڪندا، قوم مسلم ليگ (ن) جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي لازوال جدوجهد ڪئي، پا??ست??ن جو قيام هڪ نظريي جي ڪاميابي هئي، قائد پا??ست??ن ان لاءِ قائم نه ڪيو هو ته هي دنيا جي غريب ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿئي. هن ملڪ ٿوري وقت ۾ جيڪو حاصل ڪيو ان جو مثال نٿو ملي. ا??هن اڳواڻن کي سلام ج??هن پهرين ڏهاڪي جي اندر ئي ملڪ کي ڪامياب بڻايو. هن چيو ته اڄ هي ملڪ دنيا جي ستين ايٽمي طاقت آهي، ج??هن ملڪ ۾ سائيڪل جا پرزا نه ٺهندا هئا اهو ملڪ جي ايف 17 ٺاهي فضا کي چيري ر??ي?? آهي، ج??هن ملڪ ۾ مواصلاتي نظام نه هو اڄ اهو فائبر آپٽڪ جي جديد انفرا اسٽرڪچر رکندڙ آهي، ج??هن ملڪ ۾ هڪ ٻن يونيورسٽين کانسواءِ ڪا به اعليٰ درسگاهه نه هئي اڄ ان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تعليمي ادارا آهن. هن چيو ته 1947ع کان 2024ع تائين جي سفر ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ڏسڻ لاءِ مليون، اسان تاريخي سفر طئي ڪيو پر جيڪڏهن اسان پنهنجي ڀيٽ ٻين ملڪن سان ڪنداسين ته گهڻا پوئتي ر??جي ويا آهيون، ڪوريا، ويٽنام، ملائيشيا، چين، بنگلاديش ڪجهه سال پهرين تائين اسان کان پوئتي هئا، ڇا ا??هن ملڪن ۾ ذهانت، صلاحيت، ديانت ۽ وسيلا اسان کان وڌيڪ آهن؟ هن چيو ته پا??ست??ني ٻين ملڪن کان وڌيڪ ذهين ۽ محنتي آهن. وفاقي وزير چيو ته ترقي جو سفر هڪ سائنس آهي، ج??هن ملڪ ترقي ڪئي آهي اهو چئن اصولن تي عمل ڪري ترقي جي صف ۾ شامل ٿي?? آهي، امن استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ سڌارن تي ج??هن ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو اتي ڪير هڪ پئسو به نه لڳائيندو. ڪ??هن به ترقي يافته ملڪ ۾ پاليسيون 10 سالن کان پهرين نتيجا ڏيندڙ ناهن هونديون. اسان 1998ع ۾ ويزن 2010ع پيش ڪيو ۽ ٻن سالن کانپوءِ مارشل لا لڳي وئي، اسان 2013ع ۾ ويزن 2025ع پيش ڪيو ج??هن کي 2018ع ۾ نالي ماتر تبديلي جي ور چاڙهيو ويو، هن قوم ملڪ جي چاٻي اهڙي اناڙي ڊرائيور کي ڏئي ڇڏي ج??هن ڪڏهن يونين ڪائونسل نه هلائي هئي، 2018ع ۾ پا??ست??ن جي معيشت کي فريڪچر ڪيو ويو ج??هن جو پلستر اڄ به معيشت تي چڙهيل آهي، اسان هڪ دفعو ٻيهر معيشت جو ڦيٿو هلائينداسين ۽ نوجوانن کي اهڙو پا??ست??ن ڏينداسين جيڪو 2047ع تائين دنيا جي پهرين 10 معيشتن ۾ شامل هوندو. پا??ست??ن کي صرف سياسي عدم استحڪام، لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ ڏڦيڙن ڪمزور ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيو، اسان تعليم، صحت، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار ۾ پا??ست??ن کي گولڊ ميڊل ڏيارينداسين.