ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري يوم استحصال ڪش??ير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ واري ڏينهن ڀارت عالمي قانون پائمال ڪندي هڪ طرفو قدم کنيو، اهو قدم تڪراري علائقي تي غاصباڻي قبضي لاءِ کنيو ويو. والاريل ڪش??ير ۾ عوام جي حقن کان انڪار ڀارت جو غيرقانوني عمل آهي پر ڀارت ڪش??يري عوام جي آزادي جي تڙپ کي گهٽائي نه ٿو سگهي، اها ڀارتي رياستي دهشتگردي آهي جيڪا حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. غيررياستي ماڻهن کي آباد ڪري کين ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا، چونڊن وارين فهرستن ۾ غير رياستي ماڻهن جو شمار ڪري نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. والاريل ڪش??ير جي تاريخ کي هندستان جبر وسيلي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي سڄي قوم والاريل ڪش??ير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. خوداراديت واري حق لاءِ ڪش??يري ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ڪندا رهنداسين. والاريل ڪش??ير جي ڀائرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ??ا. ??ندستان ڪش??يري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. عالمي برادري هندستان جي غيرقانوني قدم جو نوٽيس وٺي. گورنر عالمي برادري تي زور ڀريو ته جيستائين ڪش??يرين کي آزادي نه ٿي ملي هڪ به پاڪستاني چين سان نه ويهندو. پاڪستان مظلوم ڪش??يرين جي جدوجهد ۽ حق خوداراديت جي هرممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.