لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميرٽ ۽ شفافيت کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، ڪر??يٽ اسٽيڊيم کي جديد رخن تي قائم ڪر?? جي سخت ضرورت آهي، حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي پئي، ڪر??يٽ يا هاڪيءَ جي راند جي روشن ياد?? کي ٻيهر ??از?? ڪر?? گهرجي، شائقي?? کي راند جي بهتري جي حوالي سان تمام گهڻيون اميدون واڳيل آهن، جلد راندين جي ميدان ۾ وڃايل مقام حاصل ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار قذافي اسٽيڊيم لاهور جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پنجاب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??ڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اسان جي نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، خواهش آهي ته ??سان راندين ۾ وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪنداسين. هن چيو ته ميرٽ کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، سڀني شعبن ۾ شفافيت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جلد ملڪ بحران مان نڪري ويندو. محمد شهباز شريف ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته 50ع کان 80ع جي ڏهاڪي تائين راندين جي ميدان ۾ اسان جي ٽيمن جو راڄ هو پر بدقسمتي سان س??ار??ي ڪلچر، راندين سميت ٻين شعبن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪر??يٽ اسٽيڊيم کي جديد رخن تي قائم ڪر?? جي ضرورت آهي. مو?? کي خوشي آهي ته چيئرمين پي سي بي محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر کي جديد رخن تعمير ڪر?? جو قدم کنيو آهي. ويجهي ماضي وانگر اهو منصوبو به جلد مڪمل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف محسن نقوي کي مخاطب ڪندي چيو ته ??هڙي طرح توهان قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ڪر?? وڃي رهيا آهيو اهڙي طرح قومي ٽيم جي به نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. ڪر??يٽ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو وڃي. رڳو ميرٽ تي رانديگرن جي چونڊ کي نظر ۾ رکيو وڃي. ڪر??يٽ ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ هڪ تمام وڏي ڪاميابي هوندي. هن چيو ته ٽيم ۾ رانديگرن جي چونڊ ۾ ڪنهن به س??ار?? کي نه مڃيو وڃي ڀلي وزيراعظم به توها?? کي س??ار?? ڪري. توها?? کي رڳو ميرٽ کي ترجيح ڏيڻي آهي. ڇو ته ????ار??ي ڪلچر جي خاتمي سان ئي ڪر??يٽ، هاڪي سميت ٻين راندين ۾ ملڪ جو ٻيهر نالو روشن ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ??ڏهن ٽيم ميدان ۾ لهندي آهي ته ??ن جي پويان مائرن، ڀينرن، ڀائرن، جڏهن ته ??ڄي قوم جون دعائون هونديون آهن، شائقين جون راند ۾ بهتري جي حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل هونديون آهن. مو?? کي اميد آهي ته ??سان جلد راندين جي ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺنداسين.