اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زردا??ي چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس عالمي سطح تي وڏو چئلينج آهي، هيپاٽائيٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ ??يو ته هيپاٽائيٽس هڪ ??اموش قاتل آهي ڇاڪاڻ ته ان بيماري جون نشانيون ظاهر نه ٿيڻ سان ان جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، هيپاٽائيٽس سبب عالمي سطح تي وڏي پئماني تي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر مملڪت ??يو ته هيپاٽائيٽس سان اسان جي ملڪ ۾ صحت کي شديد خطرا لاحق آهن، پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي تعداد ۾ اضافي سان اسان جي صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، صحت جي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪريننگ ۽ وقت تي سڃاڻپ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت ??يو ته سڄي ملڪ ۾ احتياطي اپائن کي هٿي وٺرائي، اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جون سهولتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ان حوالي سان علاج جي اهميت جي باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي، ان بيماري کان بچاءَ ۽ خاتمي لا??ِ ??جتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر مملڪت ??يو ته ميڊيا، تعليمي ادارن، استادن ۽ سول سوسائٽي ذر??عي هيپاٽائيٽس جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏيڻي پوندي، اچو ته گڏجي ملڪ کي هيپاٽائيٽس کان پاڪ بڻايون.