اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان گذريل سال (2023ع) ۾ جيلن ۾ قيد 485 ڀا??تي شهرين کي آزاد ڪيو جن ۾ 6 سول قيدي ۽ 479 مُهاڻا شامل هئا، اسان ڀا??تي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري رکنداسين. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀا??ت پهرين جولاءِ 2024ع تي 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽ??سٽا ڪئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جيلن ۾ قيد 254 ڀا??تي شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست حوالي ڪئي جڏهن ته ڀا??ت پنهنجي جيلن ۾ قيد 452 پاڪستاني شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست شيئر ڪئي. هن چيو ته پاڪستان پاران گم ٿيل 38 پاڪستاني دفاعي اهلڪارن جي فهرست پڻ ڀا??ت کي ڏني وئي جن بابت خيال آهي ته اهي 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين کان ڀا??ت جي تحويل ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن انساني مسئلن کي ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان ڀا??تي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته انهن ڪوششن جي هڪ حصي طور 2023ع ۾ 62 ۽ 2024ع ۾ 4 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي ٿي.