اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غيرروايتي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتڪارن ۽ واپارين کي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته ملڪ جي ناليوا??ي برآمد ڪن??ڙن صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي حڪومتي م??اش?? پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ حڪومت سان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليوا??ي برآمد ڪن??ڙن جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. برآمد ڪن??ڙن جي وفد صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ان کي صنعتي ۽ برآمدي شعبي جي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وفد حڪومتي م??اش?? پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد جو چوڻ هو ته ملڪي خزاني کي نقصان پهچائين??ڙن ۽ ٽيڪس چورن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وفد جي شرڪت ڪن??ڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته برآمدات ملڪي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ??ي. ??ن چيو ته ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن برآمدي شعبو تيز ۽ پائيدار ترقي طرف وڌندو. هن وڌيڪ چيو ته برآمد ڪندڙ احترام لائق آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته غيرروايتي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته اسان کي اڄ اهي فيصلا ڪرڻا آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هجن. هن چيو ته برآمدات ۽ جي ڊي پي جي تناسب کي وڌائينداسين. سندس چوڻ هو ته صنعتڪارن ۽ واپارين کي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن لاڳاپيل عملدارن کي تاڪيد ڪئي ته ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته دستياب وسيلن جي اندر رهندي واپارين ۽ صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم برآمد ڪن??ڙن جي سمورن مسئلن جي فوري حل جي حوالي سان وفاقي وزيرن کي وفد سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.