راولپنڊي-13 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سرب??اه?? جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته مادر وطن لاءِ جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪابه شيءِ عظيم ناهي، شهيدن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب ??و جي ايڇ ڪ??و ۾ آپريشنز دوران بهادريءَ جو مظاهرو ڪندڙ فوجي جوانن ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ??رم?? چيف آفيسرن ۽ جوانن کي ميڊلز، ستاره امتياز (ملٽري) ۽ تمغه بسالت سان نوازيو. شهيدن جا تمغا سندن خاندان وصول ڪيا. ??رم?? چيف جو چوڻ هو ته قوم جي آزادي ۽ سلامتي پنهنجي بهادر جنگجوئن جي قربانين جو نتيجو آهي. شهيد ۽ غازي اسان جا هيروز آهن، اسان جا شهيد درحقيقت قوم لاءِ اميد ۽ استقامت جو ڪِرڻو آهن.