اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اس??امي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) ج?? 15 ??ين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار 2 ۽ 3 مئي تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن ۾ سربراهي اجلاس جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني ويندي. بيان موجب اهو اجلاس مسلمان امت جي لاءِ اهڙي مشڪل وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن غزه جي عوام م??لسل جنگ واري حالت ۾ آهي. اهو اس??امي ملڪن جي سربراهن جي لاءِ هڪ اهم موقعو هوندو جتي اهي غزه جي صورتحال تي غور ڪن ۽ هڪ مضبوط، گڏيل ۽ متفقه موقف اختيار ڪن. سربراهي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار غزه ۾ تازي نسل ڪشيءَ، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي خودمختياري جي حق، مسلمان امت جي اتحاد ۽ يڪجهتي، اس??امو فوبيا ۾ اضافي، دهشتگردي ۽ عالمي چئلينجن بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اجلاس ۾ شريڪ سربراهن ۽ پرڏيه?? وزيرن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.