اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيس?? جي گهرواريءَ جميله عالم الهديٰ اسلام آباد ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم سينٽر جو دورو ڪيو جتي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايراني خاتون اول يتيم ٻارن کي محفوظ ۽ پرورش جو سازگار ماحول ڏيڻ ۾ مرڪز جي ڪردار کي ساراهيو. هن قوم جي ڪامياب مستقبل جي لاءِ نوجوان نسل جي حمايت جي اثرن تي پڻ روشني وڌي. ان موقعي تي فلس??ين?? عوام خاص طور تي غزه جي ٻارن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.