اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سعودي عرب سا?? لاڳاپن جي بلندي کي س??را??يندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي س??را??يو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان پ??را?? پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي رو??ني وڌي. سعودي پرڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سا?? سعودي عرب جي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.