اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن جي لاءِ قانوني ت??ديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي. اهو آرڊيننس ??اڪ??تان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ جاري ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪنوينشن تحت ??اڪ??تان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي. ڪنوينشن ٻاهرئين ملڪ عوامي دستاويزن جي استعمال لاءِ قانوني ت??ديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراهم ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوينشن سان ??اڪ??تان جي الحاق جي منظوري ڏني هئي. اپاسٽل ڪنوينشن مارچ 2023ع کان ??اڪ??تان جي لاءِ لاڳو ٿيو هو.