اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آ??ي ته روس خطي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي ت??او?? کي فروغ ڏيڻ سان اسان جي عوام سان گڏوگڏ خطي کي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ روس جي سفير ڊانيلا گاينچ الوداعي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ روسي سفير جي اڻٿڪ ت??او?? کي ساراهيو. هن روسي سفير کي سندس ايندڙ ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو سدائين پاڪستان جو دوست رهندو. ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪندي نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس، خطي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو هڪ اهم حصيدار آهي. نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي مسلسل فرو?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند ت??او?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي ت??او?? کي فروغ ڏيڻ جا اهم شعبا آهن جنهن سان اسان جي ماڻهن سان گڏوگڏ خطي کي به فائدو ٿيندو. نگران وزيراعظم عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ت??او?? کي پڻ ساراهيو.