اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پن?? لک نوٽ گردش هيٺ آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي 5 هزار رپين جي نوٽ بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنج هزار جو نوٽ پهريون ڀيرو 27 مئي 2006ع تي جاري ٿيو هو، هن وقت ملڪ ۾ 90 ڪروڙ پن?? لک نوٽ گدش هيٺ آهن جن جي ماليت 4525 ارب رپيا آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جيڪو به ڪرنسي نوٽ جاري ڪري ٿي يا پوءِ ختم ڪري ٿي اهو باقاعده قانون موجب هوندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اسٽيٽ بئنڪ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد ڪيو ويو هو، ??هو بنيادي اقتصادي پاليسي جو معاملو آهي، مختصر مدي جي لاءِ ايندڙ نگران حڪومت بدران ايندڙ پارليامينٽ اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري ته مناسب ٿيندو، ??يڪڏهن اهو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي ته ناڻي واري نگران وفاقي وزير ا?? جو جواب ڏيندي، اسان اهي منظر ڏسڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊي موناٽائيزيشن جي وقت نظر آيا هئا. ان کان اڳ رٿ تي ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چيو ته ملڪ ۾ 5 هزار رپي?? جو نوٽ ناڻي واڌ ۽ بدعنواني جو سبب آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 5 هزار رپي?? جو نوٽ جمع ڪرائيندڙ?? جو رڪارڊ پڻ جوڙڻ گهرجي.