نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارتي عملدارن جي ملوث هجڻ جا الزام ڀارت سان 70 سالا تجربي خاص طور تي ڪلڀوشن ياديو جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرت جي ڳالهه نه آهي ڇو ته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي فطرت ۽ طرز عمل کي ڄاڻون ٿا. پاڪ??تا?? جي پرڏيهي س??ڪريٽري سائرس قاضي گذريل رات نيويارڪ ۾ نيوز بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو بيان ته ان وٽ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجار جي قتل ۾ ڀارت جي وابستگي جا معتبر ثبوت آهن، اهي الزام ڪجهه حقيقتن تي ٻڌل هوندا. هن ڀارت جي رڪارڊ تي ڳالهه ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? ملڪ ۾ فساد پکيڙڻ جي لاءِ داخل ٿيندڙ ڀارت جي جاسوس نيول آفيسر ڪلڀوشن ياديو کي حراست ۾ رکيو جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته ڪئناڊا جي وزيراعظم پاران الزام ڀارت سان 70 سالا تجربي جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرانگي جي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ ڀارت کي س??جهي ٿو ته اهو اسان آهيون، اسان جو ڀارت سان 70 سالن جو تجربو آهي، پاڪ??تا?? فيبروري 2019ع ۾ پنهنجي د??اع جي لاءِ ڀارت جي س??يڪ اٽيڪ جو جواب ڏنو هو اها ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته اسان جو پاڙيسري ملڪ اسان کان ست ڀيرا وڏو آهي، تنهن هوندي به ڀارت ٻيهر ائين ڪيو ته اسان ٻيهر پنهنجو ڀرپور د??اع ڪنداسين. پرڏيهي س??ڪريٽري چيو ته جڏهن به پاڪ??تا?? ۾ عد?? استحڪام جي صورتحال ٿئي ٿي ته اڪثر ان ۾ ڀارت جو هٿ هوندو آهي. پر دنيا کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته ان جو ”لازمي اتحادي“ عالمي برادري ۾ ڪهڙي طرح سلوڪ ڪري ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي ۽ افغان??تا?? سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پاڪ??تا?? جو موقف پيش ڪندو. هو پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) تي عملدرآمد ۽ نگران انتظاميا پاران ملڪ جي اقتصادي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل اهم قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي پاڪ??تا?? جي ڪوششن بابت پڻ ڳالهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ??تا?? جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي سعودي هم منصب سان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪ??تا?? جي دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ چيو ته هو جلد پاڪ??تا?? جو دورو ڪندو. پاڪ??تا??ي پرڏيهي س??ڪريٽري چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس عالمي اڳواڻن جي ڳال??ه ٻولهه ۽ هڪ ٻئي کي ڄاڻڻ جو هڪ ڪارائتو موقعو فراهم ڪري ٿو.