اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته وزارت تي رهندي ڪوشش هوندي ته ملڪ جي عوام جي خدمت ڪريان، نگران وف??قي وزير مقرر ٿيڻ وڏو اعزاز آهي. اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي اسلام آباد جي سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته نگران وف??قي وزير ٿيڻ سندس لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي ۽ سن??س اها ڪوشش هوندي ته هو ان منصب سان انصاف ڪندي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري. هن چيو ته کيس وف??قي وزير ٿيڻ سان سول سوسائٽي جيڪا محبت ۽ پيار ڏنو آهي، اهو ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي نور هاليپوٽو، عرفان انصاري، سيد فياض شاهه، اشفاق چانڊيو، نصير ميمڻ، قاضي فيض ۽ ٻين نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي کي نگران وف??قي وزير مقرر ٿيڻ تي کيس م??ار??ون ڏنيون.