اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقليتن جي قومي ڏينهن تي آئون پنهنجي غيرمسلمان پاڪستانين کي قوم سان گڏجي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقليتن ملڪ جي سماجي ۽ اقصتادي تر??ي جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪي?? آهي جنهن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. پاڪستان جو نظريو اسان جي اقليتي برادرين کانسواءِ اڻ مڪمل آهي جيڪو پاڪستاني قوميت جو لازمي جز آهي. هن چيو ته آئون ان ڏينهن اهو وچن به ڪريان ٿو ته انهن کي وڌي?? بااختيار بڻائڻ، انهن جي شمولي??، ترقي ۽ بهتري جي لاءِ ڪم ڪندو رهندس.